شان (ڪتاب)

شان (ڪتاب)

شان ڪتاب

شان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري صحافي شان ڏهر جي ياد ۾ سهيڙيل آهي. جنهن ۾ سندس زندگي، لکڻين ۽ هن بابت لکيل مختلف شخصيتن جا مضمون ڏنل آهن. شان ڏهر پهرين جنوري 2014ع واري رات جو باڊهه ۾ نامعلوم ماڻهن جي گولين جو شڪار ٿي شهيد ٿيو هو، جنهن بعد سنڌي اخبارن ۾ جن صحافين ۽ ليکڪن مٿس مضمون ۽ ڪالم لکيا هئا، تن ۾ رکيل مورائي، انور ابڙو، عادل عباسي، علي عابد سومرو، جاني خاصخيلي، نثار کوکر، معصوم سنديلو، حيدر سهتو، جي. ايم گاڏهي، آصف موريو، صالح راڄپر، واحد ڪانڌڙو، علي آزاد، ذلفي ميراڻيءَ سميت شان جي ڀينرن ڪنيز فاطمه ۽ نعيمه ڏهر جون ساروڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مرتب صحافي واحد ڪانڌڙو آهي. هن مجموعي ۾ شان جي حياتيءَ جون تصويرون، سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون به شامل آهن. هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 2014ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 160 صفحا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو